گل محمد رند

گل محمد رند : حاجي گل محمد رند پنهنجي وقت جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ شاعريءَ ۾ پنهنجي ذات ’رند‘ تخلص طور ڪتب آڻيندو هو. سندس وڏا اصل ۾ ڀاڳناڙيءَ بلوچستان جا ويٺل هئا. اٽڪل ويهن سالن جي عمر ۾ سنڌ آيو ۽ اچي ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺ سيد علي حسن شاهه ۾ رهيو. هن قرآن مجيد سميت فارسيءَ جا ڪجهه ڪتاب ننڍي هوندي پڙهيا ۽ اڳتي فارسي سڪندرنامو پڙهيائين. مڪتب ڇڏي تعلقي کپري، ضلعي سانگھڙ ۾ رهيو. جتان وري عبدالقادر پليءَ وٽ عمرڪوٽ لڏي وڃي ترسيو. هن اتي رهڻ دوران حڪمت به ڪئي. سندس طبيعت سادي ۽ بي پرواهه هوندي هئي. هن جي شاعري هجر ۾ آهي. سندس ڪلام ۾ سنڌي لفظن جو اهم ذخيرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ننڍپڻ بلوچستان ۾ گذرڻ باوجود به سندس لهجو ۽ اسلوب نج سنڌي آهي. هيءُ پنهنجي همعصر شاعرن سان ڪلام ڀيٽندو هو. محمد ابراهيم ملاح، سيد مصري شاهه نصرپور وارو ۽ تنهن وقت جا سگھڙ کيس ڪلام لکي موڪليندا هئا ۽ هيءُ وري انهن جي جواب ۾ شاعري لکي انهن ڏانهن موڪليندو هو. هن پنهنجو مڪمل ديوان لکيو، سڪندرنامي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو. وٽس پنهنجو ڪتبخانو به هو. حاجي گل محمد 1310هه/ 1892ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ صاڀي جي مقام ۾ آهي. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: گھنڊ کوليو گھورون ڏيو، ماڻا ڪريو ماريو ڇڏين، ڪن کي ڪنڌيءَ تان منجهه ڪنن، ڪيرايو ڪنڌ ڀر هڻن.


لفظ گل محمد رندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو